اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ??عا??ن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪر?? ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪئي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي ??عا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ??عا??ن کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪ??ل ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪستان سان دفاعي ??عا??ن وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪ??دار ادا ڪر?? سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ??عا??ن وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.