اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آئرلينڊ جي حڪومت پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي ??يص??ي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو ??يص??و معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم ائرلينڊ جي وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي م??ڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آئرلينڊ پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي ??يص??ي تي آئرش حڪومت جي ??يص??ي کي ساراهيو. هن چيو ته آئرلينڊ جو اهو ??يص??و انهن معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي ظلمن جو شڪار آهن ۽ فلسطين ڪاز کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته آئرلينڊ جو اهو ??يص??و ٻين ملڪن تي به اهڙا ??يص??ا ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جو سبب بڻجندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻڻ جو واحد رستو آهي. هن فلسطيني عوام جي م??صفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ سي جي جي اسرائيل کي غزه ۽ رفح تي حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي ??يص??ي کي ساراهيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي به عالمي برادري پاران اهڙي طرح جو ڌيان ملندو ڇو ته اها به گذريل 7 ڏهاڪن کان وحشياڻي قبضي ۽ بنيادي انساني حقن کان انڪار کي برداشت ڪري رهي آهي. وزيراعظم سائمن هيرس چيو ته آئرلينڊ ٻين يورپي اتحادين جي مشاورت سان اصولي ??يص??و ڪيو آهي ڇو ته غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي کي ڪنهن به طرح معاف نه ٿو ڪ??ي سگهجي. آئرلينڊ جي حڪومت محسوس ڪيو ته اهو ??يص??و حالتن کي معمول تي آڻڻ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ??نه?? اڳواڻن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي آئرلينڊ جي ??يص??ي کي ساراهيندي چيو ته اهو نئون مشن ڊبلن ۾ پاڪستان جي مشن سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وزيراعظم سائمن هيرس کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.