اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي ??ان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن جي حوالي ??ان اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، نا??ي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چ??ما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن پاران جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪيو ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چ??و ته سواءِ اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي ??هي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ڪيو ويندو. ان حوالي ??ان وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي ان حوالي ??ان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪئي. هن چ??و ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي ??ان سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چ??و ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي ??ان بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي ??ان اڳڀرائي تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي ??ان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي ??ان ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خساري وارن سرڪاري ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پري ڪواليفائيڊ پينل مقرر ڪيو پيو وڃي.