اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏهاڙي جو اعلان ڪيو آه?? ۽ چيو آه?? ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل ??هن??و. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي تي پاڪستان ۾ سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل ??هن??و. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اطلا?? جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني سان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏ?? نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ هم??رديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي هم?? سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.