اسلام آباد – 06 – جون (ا?? پي پي) پاڪستان کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي، پاڪستان کي نيويارڪ ۾ گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊن ۾ زبردست حمايت حاصل ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جي پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدوار توثيق ڪرڻ تي اسان ايشيا پيسفڪ گروپ جي ميمبرن جا پڻ ٿورائتا آهيون. بيان موجب غيرمستقل ميمبر جي طور تي اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ هڪ ڀرپور تجربي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ حصيداري جي مضبوط ميراث کڻي آيو آهي جنهن جو اظهار گڏي?? قومن جي مقصدن ۽ اصولن سميت چارٽر سان دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏي?? قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ سان ٿئي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي ايندڙ مدي ۾ حل طلب ۽ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم رهندو ۽ هو هڪطرفي ۽ غيرقانوني طاقت جي استعمال يا طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جا حربا، هر قسم جي دهشتگردي جي مقابلي، گڏي?? قومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي حمايت، امن لاڳو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت سميت علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل لاءِ موثر ڪردار اد?? ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۽ گڏي?? قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ ۽ جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ گڏي?? قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان عالمي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.