اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير ??ينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجڪاري پروگرام جي حوالي سان حڪومت سمورين ڌُرين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پي آءِ اي ۽ اسلام آباد ايئر??ور?? جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدمن جو سلسلو جاري ??هي. اسلام آباد ايئر??ور?? جي آئوٽ سورسنگ آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندي. وزيراعظم اسلام آباد کان پوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئر??ور??س جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ به قدم جاري ??هن. ڊسڪوز جي ڪار??ور??ٽ گورننس ۾ بهتري ??ندي پئي وڃي. ڊسڪوز جي بورڊز ۾ نجي شعبي کي آندو پيو وڃي، نجڪاري ??ي پورگرام تي اسان جي اتحادي پارٽين سان مشاورت جاري ??هي.