اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي ملهائجندڙ آزادي جي تقريب?? جي انتظامن تي خيال?? جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي ط??ر ملهائڻ جي انتظامن تي خيال?? جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين محمد ع??ي رنڌاوا سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ ط??ر ملهائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزيڪل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافت?? جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ڊرون شو شامل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رنگ روغن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو بنڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ڪرڻ جي لاءِ گه??ايو ويندو. جنهن ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ڊرون شو شامل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مفت جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي پنهنجي تعاون سان گڏوگڏ انه?? جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگهن. اجلاس چيئرمين محمد ع??ي رنڌاوا پاران وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.