اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي مو??عي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ??ري ??ڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي مو??عي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽپال ٽڪليون جاري ??رڻ سان ملهايو ويو جيڪو معيا??ي تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاش??ي تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ٽڪلي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي مو??عي تي پاڪستان پوسٽ طرفان جاري ??ئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قد?? آهي.