اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشي?? اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن ??چ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عا??مي ??را??تداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن ??ارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانون??از?? ۾ سپورٽ لاءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لاءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانون??از?? جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانون??از?? جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عا??مي مسئلن جي حل لاءِ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن ??چ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.