اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پ??ڪستان جي معاشي استحڪام لا??ِ اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ا??گر??ڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فلورنس رولي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زرعي ترقي بابت معاملا غور هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته زراعت جي ترقي پ??ڪستان جي گهڻن معاشي مسئلن جو حل آهي، زراعت ملڪ ۾ خوشحال??، غذائي تحفظ ۽ سماجي اقتصادي ترقي لا??ِ وڏ?? اهميت رکي ٿي. زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پ??ڪستان جي معاشي استحڪام لا??ِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ا??گر??ڪلچر آرگنائيزيشن جو ڪردار حوصلو ڏيندڙ آهي. زراعت جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت آبادگارن جي سهولت لا??ِ ڪيترائي پ??وگرام شروع ڪيا آهن، جديد فصلن جي پيداوار جي حوالي سان آبادگارن جي سگهه کي وڌائڻ لا??ِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي. رانا تنوير حسين چيو ته ايف اي او زراعت جي ترقي ۽ پيداوار تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لا??ِ رهنمائي مهيا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فوڊ اينڊ ا??گر??ڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فلورنس رولي چيو ته فوڊ اينڊ ا??گر??ڪلچر آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ زرعي شعبي کي اڳيان وڌائڻ لا??ِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو، پاڪستان ۾ آبادگارن ۽ تحقيق ڪندڙن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لا??ِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ لا??ِ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.