اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جون ستون اجلاس گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد ج?? قيادت ڪئي جڏ??ن ته ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير نوح يلماز ترڪيه جي وفد ج?? قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو، ٻئي ڌريون اعليٰ سطحي رابطن کي مضبوط ڪندي??ن ۽ موجوده معاهدن کي مڪمل طور تي فعال ڪنديون. هن چيو ته ڌريو پاڪ – ترڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ کي اپ گريڊ ڪنديون. هن چيو ته هو واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سيڪيورٽي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصلر معاملن ۾ پڻ تعاون وڌائيندا.