راولپنڊي -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم م??ير پاڪستان کي 40 سالن کانپوءِ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ڏيندڙ ارشد نديم جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير طرفان قومي هيرو جيولين ٿرو ارشد نديم جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو جي آڊيٽوريم ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 1984ع جي اولمپڪ ۽ قومي هاڪي ٽيمن جي اولمپيئرز، قومي ڪرڪيٽ ٽيم سميت ٻين راندين جون ٽيمون ۽ ليجنڊري المپيئر، اسٽريٽ فوٽ بال ٽي، آرمي پولو ٽيم، نور کان محروم ڪرڪيٽ ٽيم، ويمنز گول بال ٽيم، ڪامن وي??ٿ جي ميڊل ونرز، ايس اي ايف ۽ پئرس المپڪس 2024ع ۽ ايشين گيمز جي شرڪت ڪندڙن سميت قومي ليجنڊ جهانگير خان، اصلاح الدين، شهباز سينئر، سهيل عباس، محمد آصف ۽ اعصام الحق به ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ۽ نئون اولمپڪ رڪارڊ ٺاهڻ تي ارشد نديم کي ساراهيو ۽ هن ارشد نديم جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏيندي چيو ته ارشد نديم پنهنجي عزم، استقامت ۽ بهترين ڪارڪردگي جي جذبي سبب ميڊل کٽيو، پوري قوم ارشد نديم کي ان ڪارنامي کي ساراهيو آهي، آرمي چيف رانديگرن جي مڪمل سپورٽ ۽ کين بااختيار بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. آرمي چيف خوشحال پاڪستان جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي سپورٽ جي عزم کي به ورجايو، محنت ۽ عظمت جي اهميت تي زور ڀريو. ارشد نديم آرمي چيف جنرل سيد عاصم م??ير جو ٿورو مڃيو ۽ چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ محنت ۽ ثابت قدمي جي اهميت تي زور ڀريو.