اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته ملڪ ۾ سازشن جو مک عمران خان ۽ سهولتڪار فيض حميد هو، پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، جاچ جو دائرو وڌندي نظر اچي ر??يو آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ صوبي ۾ بجلي جي صارفين لاءِ وڏي ر??يف جو اعلان ڪيو آهي، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ (ن) هميشه عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوامي خدمت جو اهو سفر جاري ر??ندو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ (ن) هميشه عوامي خدمت ۽ افهام و تفهيم جي سياست ڪئي، محمد نواز شريف 90 جي ڏهاڪي ۾ ڏکڻ ايشيا جو پهرين موٽر وي تعمير ڪرائي ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇايو ويو، ڪاروباري آسانيون پيدا ڪيون جنهن تحت پاڪست??ن جو اڪنامڪ ريفارمز ايڪٽ آيو، هي پهريون ايڪٽ هو جنهن ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪيا، موٽر ويز جا ڄار وڇايا، بجلي جا منصوبا لڳايا. وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت 500 يونٽس تائين بجلي جي بلن ۾ ٻن مهينن لاءِ في يونٽ 14 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي ۽ هن مقصد لاءِ 45 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته پنجاب حڪومت طرفان عوام کي ر??يف فراهم ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کنيو ويو آهي. هن چيو ته 2018ع کان پهرين مهانگائي 4 سيڪڙ?? هئي ۽ اوسر واري شرح 6 سيڪڙو، ان کان پوءِ هڪ اهڙو دؤر آيو، جنهن ۾ مهانگائي 22 سيڪڙو کان به وڌي وئي، انهي دؤر ۾ 190 ملين پائونڊ ۽ توشا خانا جا تحفا لٽيا ويا، سائفر سان کيڏيو ويو. هن چيو ته هاڻي ٻيهر مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ سمورا عالمي مالياتي ادارا چئي ر??يا آهن، ته مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم يوم آزادي جي موقعي تي عوام کي پيٽروليم جي شين جي قي??تن ۾ گهٽتائي ڪري قوم کي تحفو ڏنو، ان کان پهرين وزيراعظم 200 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 3 مهينن لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني؛ جيڪو تمام وڏو قدم هو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت بجلي جي قي??تن ۾ گهٽتائي لاءِ وڏا قدم کنيا، ته جيئن عوام کي ر??يف ملي سگهي؛ حالتن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عوام کي ر??يف ڏيڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ کڻنداسين، وفاقي حڪومت شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ۽ پنجاب حڪومت مريم نواز جي اڳواڻي ۾ عوامي ايجنڊا تي عمل ڪري ر??يا آهن، عوام کي ر??يف فراهم ڪري ئي ساهه کڻنداسين، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاري جي حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج شفاف جاچ ڪئي آهي، فوج ۾ خود احتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، پاڪ فوج جو شمار دنيا جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو، ته هو خود احتسابي تي يقين رکي ٿي، هن چيوته هن جاچ جو دائرو وڌندي نظر اچي ر??يو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي سياست ڪئي، هن ماڻهن سان ڳٺ جوڙ ڪري ملڪ ۾ بدامني ??کي??ي ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ??کي??ڻ لاءِ هن جي سمورين سازشن جو مک اڳواڻ عمران خان ۽ سهولتڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٻيا ماڻه?? هئا. پي ٽي آءِ جي باني جي اڳواڻي ۾ ڳٺ جوڙ جو ڪم ٿي ر??يو هو. هن چيو ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو ملڪ ۾ تباهي ??کي??ي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني انهن ماڻهن سان گڏجي چيو هو، ته طالبان کي واپس اچڻ گهرجي، هن طالبان کي واپس آندو ۽ هتي ر??ايو، اڄ ملڪ ۾ امن ام??ن جي خراب صورتحال جا ذميوار اهي ماڻهو آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي اڳواڻي ۾ ڏڦيڙ ??کي??ڻ جي ڪوشش ۾ اهي ماڻهو ??ن جو حص?? هئا، هن قومي سلامتي کي نقصان پهچايو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ ??کي??يو، شاهديون سامهون اچي ر??يون آهن ته پي ٽي آءِ جي باني جو رابطو بحال هو، نه رڳو هن بي اعتمادي جي ر?? دوران ڳٺ جوڙ جي سياست ڪئي پر جيل مان به پيغام رسائڻ جو عمل جاري هو. هن چيو ته اسان پاڪ فوج جي خوداحتسابي جي عمل کي ساراهيون ٿا، هي هاڪاري قدم آهي، جيڪو به ملڪ ۾ ڏڦيڙ ??کي??يندو ??ن جو انجام اهو ئي ٿيندو. هن چيو ته ٻين کي به خوداحتسابي ڪرڻ گهرجي ۽ ??ن جو دائرو وسيع هئڻ گهرجي. عوام کي بجلي جي قي??تن ۾ رليف جي حوالي سان هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچست??ن جي حڪومت سان گڏجي شمسي توانائي تي ٽيوب ويل لڳائڻ جو گڏيل منصوبو شروع ڪيو آهي. بلوچستان ۾ 28 هزار سولر ٽيوب ويلز لڳايا ويندا، ان سان بجلي جي بچت ٿيندي ۽ آبادگارن کي ر??يف ملندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف رائيٽ سائزنگ ۽ڊائون سائزنگ جي حوالي سان به هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي، جيڪي ادارا سرڪاري ناڻي تي بار آهن انهن جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون آهن. هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ ان تي وڌيڪ ڪم ٿيندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته لطيف کوسه کي ڪوڙ ۽ بهتان واريون ڳالهيون نه ٿيون جڳائين، ڪوڙ، بهتان ۽ الزام تراشي ??ن جي اڳواڻ جو ڪم رهيو آهي ۽ اهو ڪم اختيار ڪندي اهڙيون ڳالهيون ڪري ر??يو آهي، هي اها سازش آهي جيڪا پي ٽي آءِ جي باني ۽ ??ن جي ساٿين پي ٽي آءِ جي دؤر ۾ چيف جسٽس جي گهر واري جي باري ۾ ڪئي هئي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو هو، اهو مائينڊ سيٽ اڄ به جاري آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ان خلاف جيڪا مهم شروع ڪئي آهي، هي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته بجلي جي حوالي سان اڳ ئي وزيراعظم هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪيو آهي، جيڪو پنهنجو ڪم ڪري ر??يو آهي. ان ۾ آءِ پي پيز جي معاملن تي به نظرثاني ڪئي پئي وڃي، بجلي جون قي??تون هيٺ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، هي ڪم اسان مارچ مهيني ۾ شروع ڪري ڇڏيو هو، بجلي چوري جي ر??ڪٿام لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، سولرائيزيشن طرف صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري ر??يا آهيون. هن چيو ته بجلي چوري جي ر??ڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، بجلي جي قي??تن ۾ واڌ جي ٻين سببن تي به نظرثاني ٿيندي ۽ ??ن جو پائيدار مستقل حل ڪڍيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي سٺو سنئوڻ آهي، سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن خلاف پاڪ فوج قدم کڻي مثال قائم ڪيو آهي، ٻين ادارن کي به ??ن جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته راندين تي ڪنهن کي به اختلاف ناهي، ميڊيا معرفت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي چوندس ته هو عوام کي راندين لاءِ سهولتون فراهم ڪري، خيبر پختونخوا ۾ سٺا رانديگر آهن، اس??ن جي ڪرڪيٽ جي ٽيم ۾ به ڪيترن ئي رانديگرن جو تعلق خيبر پختونخوا سان آهي، هن چيو ته ارشد نديم قوم جو فخر آهي، اسان چاهيون ٿا ته ارشد نديم جهڙا جوان هن ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهن.