اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بلوچس??ان پاڪس??ان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪس??ان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳا??هائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان سڀني کي ئي ان کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳا??هه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، اسان کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چ??و ته بلوچس??ان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، بلوچس??ان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳا??هه ٿي، جلد وزيراعظم بلوچس??ان ويندو جڏهن ته گهرو وزير بلوچس??ان پهچي چڪو آهي، بلوچس??ان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، رياست پاڪس??ان کي تسليم ڪندڙن سان ڳا??هيون ٿي سگهن ٿيون. هن چ??و ته جبلن تي چڙهي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چ??و ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چ??و ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چ??و ته بلوچس??ان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چ??و ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چ??و ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳا??هه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳا??هه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته بلوچس??ان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اسان ک?? سياست نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي ڳا??هين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪس??ان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳا??هه ٿئي.