لاهور-28 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? آهي ته واپاري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ملڪي معيشت ۾ واپاري برادري جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پاڪستان ۾ معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان وڏا موقعا موجود آهن جڏهن ته اسان کي نااُميد نه ٿيڻ گهرجي، اسان سڀني کي گڏ ٿي ملڪ کي اڳيان وٺي هلڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي لاهور چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چي??بر جي صدر ڪاشف انور، سينيئر نائب صدر ظفر محمود چوڌري، پ پ جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ ۽ صنعتڪارن جو وڏو انگ موجود هو. گورنر چي?? ته لاهور چي??بر تاريخي چي??بر آهي، هتي ٿيل مختلف ايونٽس مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. هن چي?? ته هتي پهچي تمام خوشي ٿي، لاهور چي??بر جو ملڪي معيشت ۾ وڏو ڪردار آهي. بجلي جي قيمتن جي حوالي سان گورنر چي?? ته سڀ کان اهم مسئلو آ??ِ پي پيز کان مهانگي بجلي خريدڻ آهي، اسان موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، شمسي توانائي جا منصوب?? وقت جي اهم ضرورت آهن، ماضيءَ ۾ هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڌيان نه ڏنو ويو، تربيلا کانپوءِ ان ليول جو ڪو ڊيم نه بڻجي سگهيو، محدود مُدي لاءِ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ آ??ِ پي پيز تي ڀاڙڻو پيو جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا. هن چي?? ته هائيڊل پاور پراجيڪٽ لاءِ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي پر عوام ايترو عرصو انتظار نٿو ڪري سگهي، سياستدانن مٿان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ هوندو آهي جنهن سبب شارٽ ٽرم رٿائن طرف وڃڻو پوندو آهي، ملڪ ۾ نَوان ڊيم ٺاهي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ سولرائزيشن جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، حڪومت سولر انرجي جي فراهميءَ لاءِ هر ممڪن رليف ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي ضرور هئڻ گهرجي، سرمائيدارن ۽ واپارين کي سازگار ماحول جي فراهميءَ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. انڪم ٽيڪس جي حوالي سان هن چي?? ته پگهاردار طبقي تي هر سال ٽيڪس جو بار وڌي رهيو آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ٽيڪس جو نظام آسان بڻائڻ لاءِ ڪيترائي مسئلا آڏو اچي سگهن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? ته ڪي پي ڪي قدرتي وسيلن کان مالامال آهي، جتان گيس ۽ پيٽرول وڏي مقدار ۾ نڪري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ بجلي به هتان ئي پيدا ٿئي ٿي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تماڪ به اسان پيدا ڪريون ٿا، ان لاءِ جيڪو صوبو سٺو ڪم ڪري رهيو هجي باقي صوبن کي به ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. دهشتگرديءَ جي حوالي سان هن چي?? ته اسان پاڙيسري کي تبديل نٿا ڪري سگهون، افغانستان سان اسان کي سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا اها اسان جي مجبوري آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي، اسان کي نوجوانن کي اسپورٽس طرف آڻڻو پوندو ته جيئن صحتمند سرگرمين کي هٿي ملي سگهي، ان سلسلي ۾ حڪومت اسپورٽس ۾ نوجوانن جي مدد ڪندي. ارشد نديم جي حوالي سان هن چي?? ته شروعاتي طور هن راند کي ڪنهن به پروموٽ ناهي ڪيو پر جڏهن ڪو رانديگر ڪامياب ٿيندو آهي ته سڀ ان جي حوصلا افزائي لاءِ سامهون اچي ويندا آهن، اسان کي رانديگرن جي ان وقت سرپرستي ڪرڻ گهرجي جڏهن هو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ يا ايونٽ ۾ حصو وٺڻ لا??ِ پاڻ کي تيار ڪري رهيا هجن. ان کان اڳ لاهور چي??بر جي صدر گورنر کي سپاسنامو پيش ڪيو.