اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇ??يو آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي حقيقت دنيا آڏو ظاهر ٿي وئي آهي، عمران خان حڪومت نه پر پنهنجي حرڪت سب?? جيل ۾ آهي. ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته هلندڙ سال جنور??ءَ کان آگسٽ تائين پي ٽي آءِ جي بان??ءَ جا 132 رياست مخالف مضمون شايع ٿيا آهن، بي بي سي 14، نيويارڪ ٽائمز 13 آرٽيڪلز لکيا، گارڊين 10 آرٽيڪل لکيا، الجزيره 8، واشنگٽن پوسٽ، بلوم برگ پوسٽ ۽ فنانشل ٽائمز 6-6 آرٽيڪلز لکيا ۽ سمورا آپريشن گولڊ اسمٿ تحت ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ رٿابند??ءَ ذريعي پي ٽي آءِ جي باني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان خلاف هڪ ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ جي حوالي سان عالمي رسالن کي جهڙ??ءَ طرح استعمال ڪيو ويو، جهڙ??ءَ طرح انهن ۾ من پسند بيانيو بڻايو ويو اهو سڀ قوم آڏو اچي چڪو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سب?? جيل ۾ بند آهي، هو نه حڪومت جي خواهش تي نه ڪنهن شخص جي خواهش تي جيل ۾ آهي، هو گهڙي چور، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ سب?? جيل ۾ آهي. هن چيو ته دهشتگرد??ءَ جي هاڻوڪي لهر ڪنهن جو ڏنل تحفو آهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو اوهان جو ڏنل تحفو آهي. پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ جهڙ??ءَ طرح اوهان طالبان دهشتگردن کي ٻيهر وسايو ۽ جيلن مان انهن کي آزاد ڪيو، اڄ پاڪستاني قوم ان جو ڪيتو ڀوڳي رهي آهي.