اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس ??ي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس ??ي سرڪاري دوري تي هڪ پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر منسڪ ۾ بيلاروس ??ي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس ??ي ڪائونسل جي چي??رپ??سن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان م??اقات ڪئي. انهن م??اقاتن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌريون زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي جاري رکنديون خاص طور تي ٻطرفي واپار کي وڌايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس ??ي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس ??ي سرڪاري دوري تي پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي.