اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرامن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ، سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ وسيلن جي پائيدار انتظام جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار جي لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي. نائب ??زيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس 2024ع کي خطاب ڪندي ڪي??. ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪ??يٽ??ي جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگويز سميت ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميري ٽائيم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نائب ??زيراعظم ميري ٽائيم سيفٽي ۽ ماحولياتي پائيداري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم تي زور ڏنو. هن معاشي ترقي جي هڪ اهم ٿنڀ جي طور تي متحرڪ بليو اڪانومي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ اقتصادي ترقي، نوڪرين جي تخليق ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال جو خاڪو پيش ڪي??. نائب ??زيراعظم ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ ”آف شور“ گئس ۽ پيٽروليم جي وسيلن جي ڳولا لاءِ پاڪستان جي اهميت جي پڻ وضاحت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تمام ضروري هو. نائب ??زيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن ۽ مهمانن سان ٿورا مڃيندي انهن کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ماهيگيري جي شعبي کي خاص اهميت حاصل آهي، ماهيگيري جي لاءِ ٻج ۽ خوراڪ جي صحيح طريقيڪار تحت انتظام ضروري آهي. نائب ??زيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته جهازسازي جي صنعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. ميري ٽائيم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بليو اڪانومي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو. سامونڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. نائب ??زيراعظم ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي سامونڊي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سامونڊي ترقي جي لاءِ عالمي حصيداري ضروري آهي. هن چيو ته بليو اڪانومي ?? پاڪستان جو مقصد علائقائي پهچ جو مرڪز بڻجڻ آهي. پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نائب ??زيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪي?? ته ميري ٽائيم انڊسٽري جي ڊي ڪاربنائيزيشن جاري آهي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهن تي نمايان ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي.