اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ??ورا مڃيا جن سبب اسان جي ??طن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان ??طن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ ??طن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. ??طن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ??ورا اسان پاڪستان واپس آياسين. ??طن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض اڄ ??طن پهتا آهيون. ??طن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان ??طن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي ??طن واپس آندو ويو. ا?? سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي ??طن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي ??طن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي ??طن واپسي لاءِ تعاون ت?? سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.