اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظي?? سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اط??اعا?? واري وفاقي سيڪري??ري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اط??اعا?? واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اط??اعا?? واري وفاقي وزير ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظي?? سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل اسٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ميڊيا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽ??ين?? (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ايس سي اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اط??اعا?? واري وفاقي وزير بهترين انتظامن تي اط??اعا?? واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.