اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 سالن کانپوءِ چين ??ي ڪنهن به وزيراعظم جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف چين جي وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان چيني وزيراعظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيراع??م چين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقري?? ۾ ??رڪت ڪندا، جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ گواد?? ا??ٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ شامل آهي.