واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري ??فاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال ??ور??ن معيشت جي بهتري ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن گذريل هڪ سال ??ور??ن معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي وڌائڻ، خر??ن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي ??ي اجاگر ڪندي ناڻي واري ??زير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خر??ن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ به بهتري ??اءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻائي سگهجي.