اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج ??الاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته پاڪستان بيت لاهيه تي اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن. ترجمان ??يو ته اسرائيل جو اتر غزه جو گهيراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال انساني ضمير تي ڌٻو آهي. هن ??يو ته بنا وارننگ جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري دوائن کان محروم ڪري انهن کي گڏيل سزا ڏيڻ جنگي ڏوهه آهي. هن ??يو ته اسرائيل لبنا?? ۾ ??هري آبادي جي خلاف پنهنجي جارحيت جاري رکي آهي، گڏيل ق??من جا امن دستا اسرائيلي جارحيت جو تازه ترين شڪار بڻجي ويا آهن. ترجمان ??يو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل ق??من جي يو اين آءِ ايف ايل جي امن دستن تي اسرائيلي فوج جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرقانوني حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن ??يو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو يو اين آءِ ايف ايل جي خلاف سمورا جارحاڻا قدم فوري طور تي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطين ۽ لبنان جي عوام جي خلاف حملا بند ڪري. ترجمان ??يو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي پڻ جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام کي اسرائيلي جارحيت کان بچائڻ گهرجي.