اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ??سم??عيل خان ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ??ٽي اڇلائڻ جي لاءِ پر??زم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ??سم??عيل خان ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان ??قابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ بنون ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ??ٽي اڇلائڻ جي لاءِ پر??زم آهيون، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.