اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر سان گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پا??س??ان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون پا??س??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ??اڻ?? ملاقات ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي ساراهيو. هن ٻاهرئين ملڪ پا??ستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وقتي صدر جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پا??ستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آهن. قطر جي سفير پا??س??ان کي هڪ ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي ساراهيندي چيو ته قطر جو سيڙپاري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سان گڏ پا??س??ان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا.