اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئي 2023ع تي پُرتشدد عوامي تحريڪ بابت واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخ??اس?? مشروط طور تي قبول ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ پرنسپل سيٽ تي درخ??اس?? جي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخ??اس?? تي اعتراض ڪيو آهي ته هي عام مفاد لاءِ ناهي ان ڪري عدالت درخ??اس?? جي ميرٽ تي ڪارروائيءَ کان اڳ اعتراضن کي غلط ثابت ڪرڻ جي شرط سان درخ??اس?? جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل فار پاڪستان منصور عثمان اعواڻ درخ??اس?? منظور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ان وٽ درخ??اس?? خلاف دليل آهن، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد خان عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 9 مئي 2023ع تي ڇا ٿيو ان جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي سخت ضرورت آهي. عدالت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا جي حوالي سان سندس ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ درخ??اس??گذار کي چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ثبوت آهي ته هو پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري. جسٽس جمال ??ان مندوخيل ان کي هڪ واضح بيان قرار ڏنو ۽ درخ??اس??گذار کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اٿارٽي اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي آئين جي آرٽي??ل 245 تحت سو?? حڪومت فوج کي طلب ڪندي آهي، جيڪڏهن درخ??اس??گذار ان کي اڻ اعلانيل مارشل لا چوي ٿو ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال ??ان مندوخيل جي ان سوال ??ي ته درخ??اس??گذار ان معاملي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڇو نه ڪيو؟ ايڊووڪيٽ حامد خان جواب ڏنو ته هي مسئلو سڄي ملڪ بابت آهي، نه ڪنهن خاص صوبي سان. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڏسڻ ۾ صحيح آهن پر عدالت درخ??اس??گذار کي درخ??اس?? تي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هو رجسٽرار آفيس طرفان اُٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي. عدالت تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.