اسلام آباد– 16 – ڊ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ جو 13 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي ۽ ان سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪري پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آه??، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهي??ن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.