اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۾ ڪ??سم?? جي موق??ي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ ڪالهه خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان اي پي پي جو ايم ڊي مح??د عاصم کچي هو. ان موق??ي تي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندي ڪ??سم?? جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين خان خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عنديب، ڊائريڪٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار زڪريا، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ??ورٽ اينڊ ڪرائيم محمد رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر ايڇ آر فارينه مغل، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر زمان ۽ سيڪريٽري محمد نديم اقبال، اي پي پي جي صحافين، ورڪرن ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موق??ي تي ايم ڊي تقريب کي خطاب ڪندي مسيحي برادري کي ڪ??سم?? جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ کي مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن ۽ مسلمانن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهو به ڪ??سم?? جي خوشين ۾ شريڪ ٿي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۾ ڀرپور هم آهنگي آهي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ڪ??سم?? جي موق??ي تي اسان مسيحي برادريءَ جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. خوشيءَ جي ان موق??ي تي اداري طرفان مسيحي ملازمن جي الائونس ۾ به ??اڌ ڪئي وئي.