اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي رومانيا، صوماليا، نيپال، جاپان ۽ بنگلاديش جي سفيرن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ ??قر??ب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر کي رومانيا جي نامز?? سفير ڊان اسٽوئنسڪو، وفاقي جمهوريه صوماليا جي نامز?? سفير شيخ نور محمد حسن، نيپال جي نامز?? سفير ريتا ڌتل، جاپان جو نامز?? سفير اڪامتشو شيوچي ۽ بنگلاديش جي نامزد هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر سفيرن جو استقبال ڪندي کين سندن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن جي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي هڪ ??ست?? کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو.