اسلام آباد – 07 – ??نوري (اي پي پي) صدر آصف علي زردا??ي ??يبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جا??ي ??هنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلند??، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل ??ي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪ??ي ??هي آهي.