اسلام آباد- 04 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف ??لي زرداري لوئر ڪرم ۾ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته وڳوڙي ڌريون فساد پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڪرم ۾ امن جي ڪ??ششن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته وڳوڙي ڌريون عوام جا دشمن آهن ۽ جهڙا پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، صدر مملڪت ڊپٽي ڪ??شنر سميت فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.