اسلام آب??د – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچست??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچست??ن جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان محمد ۽ قومي اس??مب??ي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچست??ن جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچست??ن جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچست??ن جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچست??ن جي آب??دگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.