ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم ع??را?? خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي ??نه??جي عوام کي غربت مان ڪڍي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهن ٿا، ڀارتي حڪومت غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي، ڀارت انتهاپسند نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن س??ن جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي دنيا ڏسي رهي آهي، جيڪو هڪ وڏي الميي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن کي تاريخ جي بدترين سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب کانپوءِ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي ??زي??اعظم چيو ته اڳواڻ اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو نظريو هوندو آهي ۽ اهو ??نه??جي موقف تي قائم رهندو آهي.