اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستقبل ?? ضروري شين جي کوٽ بابت وقت سر خبردار ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ مناسب طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي، ضروري شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي کان بچي س??هج?? ٿو، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو، جنهن جي ڪري حڪومت کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، جي اعليٰ سطح ج?? جاچ رپورٽ جو انتظار آهي، ذميدارن جو تعين ڪيو ويندو ?? پتو لڳايو ويندو ته ائين ڇو ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳا??هائيندي ڪيو.