اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعمير??تي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ??اروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن ??يو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعمير??تي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ??يو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبل??، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ ??ار?? ويئرز جي دڪانن سميت تعمير??تي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.