اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي ٽائيگر فورس متحرڪ ڪرڻ کانپوءِ پهرين رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عثمان ڊار ??وب??ئي حڪومتن جي تعاون ۽ انگن اکرن تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته رجسٽرڊ نوجوان محنت ۽ لگن سان ڏني ويندڙ ذميوارين کي ادا ڪري رهيا آهن، يونين ڪائونسل جي سطح تي ٽائيگر فورس پاران ب??روزگار ماڻهن جي رجسٽريشن ۾ پڻ مدد م??ي.