اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورتمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ و??يراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هف??ي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هف??ن جي دوران هڪ ڪر??ڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان فراهم ڪئي آهي، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.