اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ آءِ ٽي انتظامن جو جائزو ورتو، اين سي او سي انفارميشن ٽي??نالاجي پاران کنيل انهن قدمن جو جائزو ورتو جن ۾ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ وائرس کي پکيڙڻ جي حوالي سان نگراني جي لاءِ سمارٽ اپيليڪشنز وغيره شامل آهن، فورم کي انفارميشن ٽي??نالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽي??نالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي ذريعي تيار ڪيل اپيليڪشن جي صورتحال جي باري ۾ تفيصل سان ٻڌايو ويو.