اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ن??ي آخر الزمان حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي مبارڪ موقعي تي وطن واسين ۽ سڀني مسلمانن کي دلي مبارڪباد پي?? ڪندي چيو آهي ته پاڻ صه سڄي ڪائنات جي لاءِ رحمت العالمين صه بڻجي آيو، ڀٽڪيل انسانيت کي امن ۽ رواداري جي درس سان روشناس ڪرايو، پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته معاشرتي مسئلن جو حل انسانيت جي محسن جي اخلاق حسنه جي پيروي ۾ آهي، هن چي?? ته وزيرعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي تصور تي فلاحي مملڪت بڻائڻ جو عزم رکي ٿو.