اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فر??همي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان واپار واري وز??رت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وز??رت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئ?? آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وز??رت ۽ گهرو وز??رت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئ?? آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صد??رت ۾ ٿيو.