اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ جي لاءِ آسان قرضن جو انتظام ڪيو آهي ج??هن جي لاءِ ا??هن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، ملڪ جا وڏا معاشي اشاريا بهتر ٿيا آهن، روانگي واپار ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ گوجرانوالا چيمبر آف ڪام??س اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ هيروز آف گوجرانوالا ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي گوجرانوالا چيمبر آف ڪام??س اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف معل پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، گوجرانوالا چيمبر جي ميمبرن، سرندي وارن ۽ ٻين نماي??ن شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر گوجرانوالا چيمبر آف ڪام??س اينڊ انڊسٽري جي واپار ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني قوم صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي حوالي سان بي مثال آهي، ملڪ ۾ انهي جذبي سان ٽيڪس چوري ۽ بدديانتي جهڙين براين کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن ملڪي روانگي واپار جي فروغ لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي زور ڏيندي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ اڻڻ سان پاڻ پنهنجو فائدو ٿيندو. صدر چيو ته ڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رکيا آهن. اهڙي طرح عورتن جي لاءِ پڻ آسان قرضن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ا??هن سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ا??هن کي رهنمائي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان چيمبر آف ڪام??س اينڊ انڊسٽري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو پڻ ذهني صلاحيتن جي لحاظ کان ڪ??هن کان گهٽ نه آهن، ا??هن جي مناسب تعليم ۽ تربيت سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته معاشري جي سمو??ن طبقن جي شموليت کانسواءِ گڏيل ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا کي م??هن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، ان مشڪل وقت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ همدردي جو احساس ان حڪمت عملي جو اهم جز رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 4 ڏهاڪن کان پاڪستان پاران لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني پوري دنيا جي لاءِ مثال آهي. ان کان اڳ گوجرانوالا چيمبرآف ڪام??س اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف مغل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تقريب جو مقصد گوجرانوالا جي هيروز کي ساراهڻ آهي. هن چيو ته گوجرانوالا پاڪستان جي روانگي واپار ۽ ترقي ۾ نمايان ادا ڪري رهيو آهي. هن ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطو رکڻ ۽ مشاورت تي حڪومت کي ساراهيو. تقريب ۾ گوجرانوالا جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊز ورهايا ويا.