اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي ??طا?? ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، غريب ملڪن مان ڦريل دول?? ۽ ??احوليات بابت تفصيلي ۽ دليلن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي ورچوئل ??طا?? کي ساراهيندي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي ??طا?? جا چار بنيادي موضوع هئا، وزيراعظم انهن چئن موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا آڏو ڀارت جو فاشسٽ چهرو بي نقاب ڪيو. وزيراعظم دنيا کي باور ڪرايو ته ڪهڙي طرح ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي ي مودي جي فاشسٽ حڪومت اقليتن جو قتلام ڪري رهي ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي ??طا?? ۾ نه رڳو پاڪستان، خطي پر عالمي دنيا کي درپيش چئلينجز جو بهترين احاطو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم دنيا کي ٻڌايو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته اهو خطي ۽ پوري دنيا جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ??طا?? ۾ غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ڪرڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم باور ڪرايو ته غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقل ٿيڻ سان امير ملڪن جي خلاف نفرت پيدا ٿي رهي ??هي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم موس??يا??ي تبديلي سان هن زمين کي لاحق خطرن جي لاءِ پنهنجي عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي ??طا?? ۾ پاڪستان حڪومت پاران 10 بلين ٽري سونامي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻيلا پوکڻ، قومي ماحول کي تحفظ ڏيڻ، شهرن ۾ آلودگي جي خاتمي جي لاءِ قدمن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چئني موضوعن تي تمام تفصيلي ۽ جاندار دليلن سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، پوري قوم وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ پورو پاڪستان عمران خان جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل ??هي.