اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا حڪومت جا فيلگ شپ منصوبا آهن، انهن منصوبن سان غير م??ڪي سيڙپڪاري ۽ معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمي?? کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ٻئي حڪومت جا فليگ شپ ريئل اسٽيٽ پروجيڪٽس آهن جنهن سان ملڪ ۾ جديد، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ ڪاروباري سرگرمي?? کي فروغ ڏئي سگهبو، اهي منصوبا ملڪ ۾ غير م??ڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهن، ته جئين معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمي?? کي فروغ ڏئي سگهجي، آر يو ڊي اي خاص طور تي لاهور شهر جي ماحول ۽ زير امين پ??ڻي جي سطح بهتر رکڻ لاءِ اهم آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته هو لاهور شهر جي پائيدار ترقي لاءِ ماڻه?? کي انهن ٻن ميگا رئيل اسٽيٽ پراجيڪٽس خاص طور تي آر يو ڊي اي جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ موثر م??ڊيا پلان جوڙي. وزيراعظم انهن منصوبن جي ڪاميابي ۾ ايندڙ رڪاوٽ?? کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف قانوني مسئل?? کي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سي اي او روڊا وزيراعظم کي ٻڌايو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۾ رستن ۽ سيوريج جي منصوبن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، وڻن جي منتقلي تي به نه رڳو 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ان علائقي ۾ 5000 جي لڳ ڀڳ وڻ به پوکيا پيا وڃن، وزيراعظم کي ??هو به ٻڌايو ويو ته والٽن لاهور ۾ 122 ايڪڙ زمين تي باب پاڪستان پراجيڪٽ 500 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو پيو وڃي. سي بي ڊي ??از?? جاري دبئي ايڪسپو جي دوران 250 ملين آمريڪي ڊالر جي غير قانوني سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪرڻ وڃي رهيو آهي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي انتظانيه روينيو شيئرنگ مادل تحت لاهور ايئرپورٽ جي غير زير استعمال زمين تي ڪمرشل ڊسٽرڪٽ تيار ڪرڻ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ رک جهوڪ ٻيلي جي ترقي تي به ڪم جاري آهي.