اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار عالم صلي الله عل??ه واله وسلم جي سيرت طيبه اسان جي ??اء?? بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيدميلاد النبي ﷺ جي مقدس موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن ال??ه سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي نه رڳو مسلمانن ??اء?? پر ٻنهي جهانن ??اء?? رحمت بڻائي موڪليو، زندگي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي ??اء?? بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فضا درود ۽ سلام جي نذرانن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي تاقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين خالي ڪشميرين کي انهن جو حق ملي ۽ اتحاد امت ۽ اتحاد بين المسلمين ??اء?? به دعا ڪئي.