اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپ??ر ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم چيو ته ٽيڪنالاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي ??گه??دي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.