اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين لاهور پريس ڪلب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ت?? حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاه?? جو خون رائيگان نه ويندو، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.