اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت صحافي?? جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو، وزيراعظم عمران خا?? جي پنهنجو گهر اسڪيم تحت صحافين کي آسان قسطن تي گهر?? جي لاءِ قرض فراهم ڪيو پيو وڃي. ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم ۽ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اميد ??هي ته ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافي?? جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ملتان پريس ڪلب جا صحافي پنهنجي قلم ۽ مائيڪ سان ڏکڻ پنجاب جي اه?? خبرن خاص طور تي زراعت جي شعبي کان پوري پاڪستان ۽ دنيا کي آگاهه رکن ٿا. هن چيو ته لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي پريس ڪلب?? جي ميمبرن کي پڻ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا.