اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماس??و ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪري?? کي ڳالهين سان مسئلو ??ل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفاد?? کي مٿانهون رکندي سفارت?? سطح تي اسا?? کي پنهنجي پو??يش?? مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙ?? کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستاني?? کي جهڪڻ ڏيندو.