اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دهشتگردي جي پ??يان سڀ کان وڏو سبب شدت پسندي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته شدت پسندي کي دشمن هٿيار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته شدت پسندي منبر، اسڪول ?? ٿاڻي جي ڪردار ادا نه ڪرڻ جو نتيجو آهي، رياست جي شدت پسندي جي خلاف وڏا قدم کڻڻ ۾ پارليامينٽ ۽ عدليه جو تعاون لازمي آهي. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته اسان کي قدم کڻڻا پون??ا ان لاءِ اتفاق راءِ هجڻ گهرجي.