اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پشاور ڪوچه رسالدار جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جد?? بيانن ۾ هنن چيو ته ڪوچه رسالدار جامعه مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪو دهش??گر??ي جي بدترين مثال آهي، دهش??گر?? ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهش??گر??ي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻو آهن، پوري قوم ملڪ مان دهش??گر??ي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهش??گر??ي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ د??ا ڪئي.